حڪومت ڪنهن جي بيماري تي سياست نٿي ڪرڻ چاهي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ

image
APP23-25 ISLAMABAD: October 25 - Special Assistance to the Prime Minister on Information and Broadcasting, Dr Firdous Ashiq Awan along with Chairman Board of Investment Zubair Gilani and Advisor to PM on commerce Abdul Razak Dawood, addressing presses conference. APP photo by Saadia Haidari

اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان محمد نواز شريف جي صحت جي حوالي سان پل پل باخبر آهي، حڪومت ڪنهن بيمار جي بيماري تي سياست نٿي ڪرڻ چاهي، سياست ڪرڻ جي لاءِ ٻيا ڪيترائي موضوع آهن، هو جمعي ڏينهن واپار واري صلاحڪار رزاق دائود سان گڏ پي آءِ ڊي جي ميڊيا سينٽر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهئي هئي، وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم عمران خان نواز شريف جي صحت بابت مسلسل اپ ڊيٽ وٺي رهيو آهي، وزيراعظم ئي ميان نواز شريف جي صحت بابت معلومات لاءِ ڊاڪٽر فيصل کي موڪليو آهي.

مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل
متعلقہ مضامین
مزید خبریں