وزيراعظم پاران زرعي شعبي ۾ هدف حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ هدايت

image
APP63-30 ISLAMABAD: October 30 - Prime Minister Imran Khan chairs meeting on Agriculture at PM Office. APP

اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان زرعي شعبي ۾ هدف حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ بين الصوبائي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ننڍن آبادگارن کي سهولتن جي فراهمي ۾ مقامي سطح تي زراعت کي فروغ، غربت جي خاتمي ۽ معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، ننڍن آبادگارن کي سموريون ممڪن سهولتن جي فراهمي موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، وزيراعظم اها ڳالهه ملڪ ۾ زرعي پيداوار خاص طور تي ننڍن آبادگارن کي سهولتون ۽ آسانيون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.

مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت
متعلقہ مضامین
مزید خبریں