وزيراعظم پاران ناجائز منافعي خوري جي تدارڪ لاءِ انتظامن کي موثر بڻائڻ جي هدايت

image
APP74-06 ISLAMABAD: November 06 - Prime Minister Imran Khan chairing a meeting regarding price control of essential items. APP

اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري جي تدارڪ لاءِ انتظامن کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي، ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ گهاٽيءَ واڌي جي روزاني ۽ هفتيوار رپورٽ وزيراعظم آفيس ڏانهن موڪلي وڃي، اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ سرحدي انتظام کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي، گيهه جي قيمتن ۾ گهٽتائي کي يقيني بڻايو وڃي، عام ضرورت جي شين جي قيمتن تي ضابطو رکڻ جي لاءِ هر ممڪن انتظامي ۽ ٻيا انتظام ڪيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ضرورت جي شين جي قيمتن جي حوالي سان ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام
متعلقہ مضامین
مزید خبریں