ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ڪشميري عوام جا حق پائمال ڪري رهيو آهي: صدر

image
APP32-07 ISLAMABAD: November 07 - President Dr. Arif Alvi in a meeting with the delegation of ASEAN Parliamentarians led by President of Malaysian Consultative Council of Islamic Organization (MAPIM) Haji Mohd Azmi Hamid, who called on him at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت 5 آگسٽ کان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غير قانوني گهيراءُ ڪري ڪشميري عوام جا انساني حق پائمال ڪري رهيو آهي، ڀارت جي ان قدم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني الميو پيدا ڪري ڇڏيو آهي، خوراڪ ۽ زندگي بچائيندڙ دوائن جي سخت کوٽ آهي، جڏهن ته مواصلاتي رابطا به ڪٽيل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن آسيان جي پارليامينٽ ميمبرن جي 18 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ملائيشيا جي مشاورتي ڪائونسل آف اسلامڪ آرگنائيزيشن (ايم اي پي آءِ ايم) جي صدر حاجي محمد اعظميٰ حامد جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار
متعلقہ مضامین
مزید خبریں