حڪومتي ڪوششن جي ڪري اڄ ملڪ ۾ معاشي استحڪام آهي: وزيراعظم

image

اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومتي ڪوششن جي ڪري اڄ ملڪ ۾ معاشي استحڪام آهي، موجوده معاشي استحڪام ۽ اقتصادي انگن اکرن ۾ بهتري جي عمل کي اڳتي وڌائڻو آهي ۽ ڪاروباري طبقي جي لاءِ موزون ماحول کي وڌيڪ بهتر بڻائڻو آهي ته جيئن معاشي ترقي جو عمل تيز ڪري سگهجي، ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين پاران ملندڙ مٽاسٽا جو ناڻو ملڪي معيشت ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، ان جي سهولتڪاري جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن حڪومتي معاشي ٽيم جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado
متعلقہ مضامین
مزید خبریں