صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان جي الوداعي ملاقات

image

اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان الوداعي ملاقات ڪئي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڊاڪٽر اسد مجيد خان کي 31 هين پرڏيهي سيڪريٽري طور تي ڪاميابي سان مدو مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر مختلف معاملن تي پاڪستان جو موقف اجاگر ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر اسد مجيد خان جي خدمتن کي ساراهيو ۽ سندس پيشيواراڻي صلاحيتن، پرڏيهي محاذ تي قدمن کي پڻ ساراهيو. ان موقعي تي صدر رٽائرمينٽ کانپوءِ جي زندگي جي لاءِ ڊاڪٽر اسد مجيد خان جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores
متعلقہ مضامین
مزید خبریں