عورتن کي معاشي ۽ مالي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ حوصلا افزائي جا وڌيڪ قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

image

اسلام آباد– 18 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن جي خودمختياري جي حوالي سان قدمن تي هڪ جامع آگاهي مهم جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عورتن کي معاشي ۽ مالي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ حوصلا افزائي جا وڌيڪ قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي، پاڪستان جي ترقي لاءِ عورتن جي آبادي کي فعال معاشي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لازمي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وومين بزنس نيٽ ورڪ جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. صدر عورتن جي خودمختياري جي حوالي سان قدمن تي هڪ جامع آگاهي مهم جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته جيئن سموريون لاڳاپيل ڌريون عورتن کي انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ حڪومت پاران کنيل قدمن بابت آگاهي پيدا ڪري سگهجي. هن عورتن تي زور ڏنو ته اهي حڪومت پاران کنيل قدمن مان ڀرپور فائدو کڻن. هن چيو ته عورتن جي لاءِ ڪيترائي مخصوص پروگرام شروع ڪيا ويا آهن، عورتون بئنڪ برانچن ۾ وڃڻ کانسواءِ هاڻي آن لائين بئنڪ اڪائونٽ کولرائي سگهن ٿيون، عورتن جي ملڪيتي حقن جي حوالي سان قانونن ۾ عورتن کي وراثت ڏيڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته عورتن کي آسان شرطن ۽ ضابطن تي قرض پڻ ڏنا پيا وڃن، جيتوڻيڪ بئنڪون عورتن کي قرض ڏئي رهيون آهن جڏهن ته رڳو 2 کان 5 سيڪڙو قرض ئي حاصل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ ۽ احساس پروگرام عورتن جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ، وظيفي جي فراهمي، انهن جا بئنڪ اڪائونٽس کولڻ ۾ مدد، ڊيجيٽل، ايس ايم ايس ۽ اهڙين ٻين خدمتن سان گڏ ڊيجيٽل ڪميونيڪشن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته عورت پارليامينٽرينز، چيمبرز آف ڪامرس، اين جي اوز ۽ ايڊوڪيسي گروپس کي گهرجي ته اهي هيٺئين سطح تي عورتن تائين پهچ جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي لاءِ هٿ ونڊائين ۽ انهن کي پاڻ کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ معلومات ۽ تعليم سان آراسته ڪن. هن چيو ته عورتن کي باضابطا ڍانچي ۾ آڻڻ ۽ انهن کي فيصلاسازي جي عهدن تائين پهچائڻ جي لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي ۽ ايڊووڪيسي مهم جوڙڻ جي پڻ ضرورت آهي جنهن سان ٻين عورتن کي به ان جي پيروي ڪرڻ جي ترغيب ملندي. هن چيو ته عورتون ۽ نوجوان ملڪ جا ٻه عظيم اثاثا آهن جن کي ملڪ جي ترقي ۽ ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح سان ليس ۽ تيار رهڻ جي ضرورت آهي. صدر ان ڳالهه کي ساراهيو ته عورتون معقول انگ ۾ پيشيواراڻي تعليم حاصل ڪري رهيون آهن پر ان جي خدشن جو اظهار ڪيو ته انهن مان 50 سيڪڙو عورتن گريجوئيشن کانپوءِ معاشي طور تي فعال نه هجڻ کانپوءِ گهر ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني جيڪو ملڪ جي لاءِ تمام وڏو نقصان آهي. هن سمورن ايڊووڪيسي گروپس، تنظيمن ۽ والدين تي زور ڏنو ته اهي ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته پيشيواراڻي ڪاليجن جون سموريون عورت گريجوئيٽ معاشي ڌارا ۾ شامل ٿين ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهن. وومين بزنس نيٽ ورڪ ڪاروباري پيشيور ماڻهن ۽ ڪارپوريٽ ليڊرن جو هڪ عالمي نيٽ ورڪ آهي جيڪو عورتن کي صنعت ۾ اهم قائداڻن عهدن تي فائز ڪرڻ ۽ انهن جي ڪاروبار جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ آهي، ان جو مقصد عورتن جي تنظيمن ۽ ٻين شعبن جي وچ ۾ تعاون، عورتن جي انٽر پرينيورشپ ۾ مدد، عورتن کي ڪاروبار ۾ رهنمائي فراهم ڪرڻ ۽ مٽاسٽا جي پروگرامن جي ذريعي عورتن جي ڪاروبار جي ذريعي بااختيار بڻائڻ آهي.

مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II
متعلقہ مضامین
مزید خبریں