گڏيل عرب امارات مخصوص شهرن سان تعلق رکندڙ پاڪستانين کي ويزائون جاري ڪرڻ تي ڪا پابندي ناهي هنئي ۽ انهن کي بليڪ لسٽ ناهي ڪيو: پرڏيهي آفيس

image

اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان تصديق ڪئي آهي ته گڏيل عرب امارات مخصوص شهرن سان تعلق رکندڙ پاڪستانين کي ويزائون جاري ڪرڻ تي ڪا پابندي ناهي هنئي ۽ انهن کي بليڪ لسٽ ناهي ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو ته اسان ان ڳالهه جي تصديق ڪري سگهون ٿا ته گڏيل عرب امارات پاران پاڪستاني شهرين کي ويزا جاري ڪرڻ تي اهڙي ڪا پابندي نه آهي. پرڏيهي آفيس جو اهو جواب گڏيل عرب امارات پاران مخصوص شهرن سان تعلق رکندڙ پاڪستاني شهرين کي ويزائون جاري ڪرڻ تي بليڪ لسٽ يا پابندي جي خبرن تي صحافين جي سوالن جي جواب ۾ آيو آهي. ترجمان گڏيل عرب امارات پاران ڪجهه شهرن سان تعلق رکندڙ پاڪستاني شهرين کي ويزا فراهم نه ڪرڻ جي خبرن جي پڻ سختي سان ترديد ڪئي آهي. گڏيل عرب امارات جي قونصليٽ جنرل ڪراچي بخيت عتيق الرميٿي چيو ته گڏيل عرب امارات جي حڪومت اهڙي ڪا پابندي ناهي هنئي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی
متعلقہ مضامین
مزید خبریں