وزيراعظم پاران ساهيوال واقعي جي جوابدارن جي بريت تي ڳڻتي جو اظهار

image

اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ساهيوال ۾ قتل واري واقعي ۾ ملوث پوليس اهلڪارن جي بريت تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي آهي ته فيصلي جي خلاف اپيل داخل ڪئي وڃي ۽ ان ڪيس ۾ پراسيڪيوشن جي خامين جي جاچ ۽ نشاندهي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي مقرر ڪئي وڃي. گهرو وزارت طرفان پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس پنجاب کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم عمران خان واقعي ۾ ملوث سمورن 6 اهلڪارن جي بريت تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي

مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک
متعلقہ مضامین
مزید خبریں