مسئلن جي حل لاءِ علامه اقبال جي فڪر مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم

image

اسلام آباد – 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سماجي ۽ سياسي مسئلن جي حل لاءِ علامه محمد اقبال جي فڪر مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، هن چيو ته پاڪستاني قوم علامه اقبال جي فڪر مان فائدو کڻي ته جيئن ملڪ ۽ مسلمان امت کي درپيش سماجي، اقتصادي ۽ سياسي مسئلن جو حل ڳولي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن شاعر مشرق علامه محمد اقبال جي پيدائش جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.

مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو
متعلقہ مضامین
مزید خبریں