وزيراعظم جي پاليسين سبب معيشت بهتري طرف گامزن آهي: فردوس عاشق اعواڻ

image

اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي دانشمنداڻي پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت بهتري طرف گامزن آهي، دنيا ان جي پاليسين کي تسليم ڪيو آهي، معاشي انگ اکر بهتر ٿيا ۽ انٽرنيشنل فورمن ۾ پڻ وزيراعظم جي فيصلن کي پذيرائي ملي، تمام جلد عوام کي ثمر ملڻ شروع ٿي ويندا، وزيراعظم احتساب جي بيانيي تي اڄ به قائم آهي، بدعنوان عنصرن ۽ ڦرلٽ ڪندڙن جي خلاف احتساب جو عمل جاري رهندو. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪي دولت ڦريندڙ ۽ معيشت کي تباهه ڪري ٻاهرئين ملڪ اثاثا ٺاهيندڙ قانون جي پڪڙ کان بچي نه ٿا سگهن.

مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار
متعلقہ مضامین
مزید خبریں