سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سان فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي چيئرمين عاصم احمد جي ملاقات

image
APP53-140622 ISLAMABAD: June 14 - Chairman Senate Muhammad Sadiq Sanjrani in a meeting with Chairman of the Federal Board of Revenue (FBR), Mr. Asim Ahmad at Parliament House. APP

اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي چيئرمين عاصم احمد پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽرٽ موجب ايف بي آر چيئرمين سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي کي تفتان جي ويجهو پاڪستان ايران بارڊر تي بازاچي جي قيام جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ايف بي آر چيئرمين ٻڌايو ته مقامي واپاري برادري کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ بازارچي جي قيام جو منصوبو شروع ڪيو آهي، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي جلد ئي ان بازارچي جو افتتاح ڪندو، سينيٽ چيئرمين ايف بي آر جي پاران کنيل قدمن جي واکاڻ ڪئي، هن چيو ته واپاري سرگرمين جي فروغ لاءِ ۽ مقامي واپارين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي خاطر اهڙن منصوبن جو آغاز ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن جو معيشت تي مثبت اثر پوندو. سينيٽ چيئرمين ان حوالي سان پنهنجو ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته مستقبل م به ايف بي آر پاران اهڙيون ڪوششون جاري رهنديون.

مضمون کا ماخذ : loterias da caixa
متعلقہ مضامین
مزید خبریں