پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ پراڻا، ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن: وزيراعظم عمران خان

image
APP61-170322 ISLAMABAD: March 17 – Commander of the National Guard of Bahrain H.H. General Sheikh Mohammad Bin Isa Al Kalifa called on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ پراڻا، ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم عمران خان سان بحرين جي نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ الخليفه ملاقات ڪئي. نيشنل گارڊ ڪمانڊر وزيراعظم کي بادشاهه، ولي عهد ۽ بحرين جي وزيراعظم پاران مبارڪباد وارو پيغام پهچايو. پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران بحرين جي قيادت لاءِ وزيراعظم عمران خان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته بحرين سان پاڪستان جا پراڻا لاڳاپا آهن جنهن جون پاڙون ايمان، قدرن ۽ هم آهنگي سان جڙيل آهن. وزيراعظم بهتر حصيداري قائم ڪرڻ لاءِ ٻنهي طرفن جي ڪوششن کي ساراهيندي گهري ۽ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، ڪووڊ -19 جي خلاف بحرين جي ڪامياب قدمن کي ساراهيندي وزيراعظم عمران خان ان وبا جي دوران پرڏيهي پاڪستانين جي سارسنڀال تي بحريني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي ان رشتي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. بحرين جي نيشنل گارڊ ڪمانڊر پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پختي عزم جو اظهار ڪندي پاڪستان پاران مسلسل حمايت تي ٿورو ادا ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻئي ملڪ سدائين مشڪل وقت ۾ هڪٻئي سان گڏ بيٺل رهيا، هن اسلامي تعاون تنظيم جي راءِ تي پاڪستان پاران گڏيل قومن ۾ 15 مارچ تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏينهن جي طور تي ملهائڻ جي پيش ڪيل تاريخي قرارداد جي منظوري تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم کيس ٻڌايو ته هو جلد کان جلد بحرين جي بادشاهه، ولي عهد ۽ پنهنجي هم منصب جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي، پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ روايتي، ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ڊسمبر 2019ع ۾ وزيراعظم عمران خان جي بحرين جي دوري کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا بلندي طرف گامزن آهن.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس
متعلقہ مضامین
مزید خبریں