وزيراعظم پاران ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي دستياب وسيلا هنگامي بنيادن تي استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت

image
APP01-281022 ISLAMABAD: October 28 - Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif chairing a review meeting on rehabilitation of flood victims. APP/MOS

اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي دستياب وسيلا هنگامي بنيادن تي استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ سٽيلن جي بحالي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال وزيراعظم کي ٻوڏ سٽيلن جي پائيدار بحالي جي لاءِ گڏيل قومون (يو اين) ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جهڙن عالمي ترقياتي حصيدارن جي مدد سان تيار ڪئي ويندڙ پوسٽ ڊيزاسٽر اينڊ اسيسمنٽ (پي ڊي ايم اي) تي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ليفٽيننٽ جنرل ظفر اقبال ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري نديم اسلم چوڌري شرڪت ڪئي.

مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں