اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا ??ائ??س جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي هڪ هزار 808 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 34 ماڻهو ان ??ائ??س سبب فوت ٿيا جنهن مان 33 متاثر مريض اسپتالن ۾ ۽ هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه دوران ان ??ائ??س سبب فوت ٿيو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 36 هزار 686 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 146، پنجاب ۾ 13 هزار 545، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 303، اسلام آباد ۾ 6 هزار 879 ، بلوچستان ۾ 482 ، گلگت بلتستان ۾ 345، آزاد ڪشمير ۾ 986 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي م??ڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 20 هزار 849 ٿي چڪو آهي، بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي م??ڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 856 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 189 مريض آهن. سڄي م??ڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 22 هزار 88 آهي. سڄي م??ڪ ۾ ڪورونا ??ائ??س سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 49 هزار 992 آهي.