ڪراچي – 13 فيبروري (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيشنل ميوزيم کي ??ديد سهولتن موجب ترقي ڏيڻ جي لاءِ ان جي ??پ گريڊيشن جو منصوبو تيار ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ميوزيم ۾ تاريخي دستاويزن کي محفوظ بڻائڻ جي ليبارٽري ۽ ڊيجيٽلائيزيشن سينٽر پڻ قائم ڪرڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل ميوزيم آف پاڪستان ڪراچي جي دوري دوران ڪيو. ان ??وقعي تي صدر کي ??جائب گهر جي صورتحال ۽ مستقبل جي ??پ گريڊيشن بابت بريفنگ ڏني وئي. صدر قومي عجائب گهر کي ??پ گريڊ ڪرڻ ۽ ان کي ??ياحن جي لاءِ وڌيڪ پرڪشش بڻائڻ جي حوالي سان حڪومتي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته پاڪستان جي شاندار تاريخ آهي، اهو سنڌ ۽ گنڌارا جهڙين دنيا جون عظيم تهذيبون رکندڙ آهي. صدر کي ٻڌايو ويو ته 1950ع ۾ قومي عجائب گهر قائم ٿيڻ کانپوءِ هتي تاريخ کان اڳ، هڙپه، گنڌارا ۽ ٻين تهذيبن سان ??اڳيل 97 هزار کان ??ڌيڪ تاريخي دستاويزن کي محفوظ بڻايو ويو آهي ۽ انهن کي ميوزيم جي 10 وڏين گيلريز ۾ نمائش جي لاءِ رکيو ويو آهي.