اسل??م آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ جي غريب عوام کي ريل??ف ڏيڻ وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، حماد اظهر وزيراعظم جي ويزن کي اڳتي کڻي هلندو، ناڻي واري وزير جو قلمدان حماد اظهر کي ڏنو ويو آهي، ڪابينا ۾ تبدي??ين جي حوالي سان سڀاڻي تائين فيصلو ٿي ويندو، ان کانپوءِ جيڪي به تبديليون ڪيون وينديون اهي عو??م آڏو آنديون وينديون، مون کي ڪهڙي وزارت ڏني ويندي ان جي اڃا مون ک?? خبر نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف نجي ٽي وي چينلز سان ڳالهائيندي ڪيو.