اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ??راق سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ گڏيل مذهب، ثقافت ۽ گڏيل امنگون رکندڙ آهن، پاڪستان ۽ عراق کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ واپار ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان ??ي د??ري تي آيل عراق جي پرڏيهي ??زير ڊاڪٽر فواد حسين ??ان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان ??در ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ??راق جي خودمختياري، سياسي اتحاد ۽ علائقائي سلامتي جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ??راق جي نئين ??ر تعمير ۾ هنرمند ۽ تربيت يافته ورڪ فورس سان گڏوگڏ ڊاڪٽرن ۽ انجنيئرن جي فراهمي ۾ پڻ مدد ڪري سگهي ??و. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ دفاع جي شعبي ۾ تعاون کي گڏيل فائدي جي لاءِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن عراقي پرڏيهي ??زير کي چيو ته هو پاڪستاني زائرين کي ويزا ڏيڻ ۽ عراق ۾ مقدس جاين ??ي د??ري دوران ??هولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري. صدر عراقي پرڏيهي ??زير کي اهو به ٻڌايو ته ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن کي ڀارت پاران ??دترين ڏاڍ ۽ دهشتگردي جو نشانو بڻايو پيو وڃي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ڀارت تي دٻاءُ وجهي ته اها ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪي ۽ ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ڏياري. ان موقعي تي عراقي پرڏيهي ??زير ڊاڪٽر فواد حسين چيو ته عراق پاڪستان کي هڪ اهم ملڪ سمجهي ??و ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، ثقافت ۽ دفاع ۾ پاڪستان ??ان ??عاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ??و. هن صدر کي آگاهه ڪيو ته هن اسلام آباد ۾ عراقي سفارتخاني کي هدايت ڪئي آهي ته هو زائرين کي ويزا ۽ سفر ۾ سهولت فراهم ڪري. هن عراقي سفارتڪارن کي تربيت ڏيڻ تي پاڪستان ??ڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا ۽ عراقي قيادت پاران پاڪستان ??ي عوام ۽ قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.