اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نئين پاڻي ذخي??ن جي تعمير ملڪي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ سستي بجلي جي فراهمي پڻ يقيني بڻائيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين سان مل??قا?? دوران ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مل??قا?? ۾ واپڊا چيئرمين وزيراعظم کي ڊيڪيڊ آف ڊيمز (ڊيمن جو ڏهاڪو) تحت پاڪستان ۾ جاري وڏن ڊيمن جي تعمير تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ڊيمن جي تعمير ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته تعميراتي ڪم کي مق??ر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته پاني جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ نئين ڊيمز جي تعمير وقت جي اهم ضرورت آهي، نئين ڊيمز جي تعمير پاڻي سان گڏوگڏ م??ڪي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سستي بجلي جي فراهمي پن يقيني بڻائيندي.