اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته افغانست??ن جي سرزمين پاڪستان سميت ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي، افغانستان ۾ ا??ن تمام اهم آهي ۽ اهو افغانست??ن جي عوام ۽ پاڙيسري ملڪن جي مفاد ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ”دختر پاڪستان بيانيو“ جي پذيرائي تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پرامن افغانست??ن جو افغانستان کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ فائدو پاڪستان کي ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان چ??ن ۽ آمريڪا سميت دنيا وانگر اها خاطري چاهي ٿو ته افغانست??ن جي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيندي، افغانستان ۾ 40 سالن کانپوءِ امن تمام اهم آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ ا??ن سان نئين سر تعمير ۽ ترقي ??ا نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ پاڪستان ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.