دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته خطي جي ملڪن خاص طور تاجڪستان جا سيڙپڪار انهن موقعن مان فائدو کڻي سگهن ٿا، علائقائي ۽ عالمي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي حڪومت هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي، جنهن سان نه رڳو معيشت پر عوام کي به فائدو پهچندو، هن اها ڳالهه پاڪستان تاجڪستان بزنس فورم سان خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي و??پا?? وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود به وزيراعظم سان گڏ هو، ٻطرفو و??پا?? وڌائڻ جي ح??الي سان اهميت رکندڙ فورم و??پا?? واري وزارت، سيڙپڪاري بورڊ ۽ ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي تعاون سان منعقد ٿيو، فورم ۾ 67 پاڪستان جڏهن ته 150 تاجڪ ڪمپنيون شريڪ ٿيون، فورم ۾ شريڪ ڪمپنين جو تعلق ٽيڪسٽائيل، چمڙي جي صنعت، فارماسيوٽيڪل، ايگريڪلچر، مائننگ، ٽوئرازم، لاجسٽڪس جي شعبن سان آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان کان 67 ڪمپنيون تاجڪستان آيون آهن، ٻنهي ملڪن جي و??پا??ين کي سهولتون ڏيڻ بابت قدم کنيا ويندا ۽ ڪاروباري ۾ آساني پيدا ڪئي ويندي، تاجڪستان ۾ توانائي خاص طور تي پن بجلي جي ح??الي سان تمام گهڻا موقعا موجود آهن، بدقمستي سان پاڪستان ۾ بجلي مهانگي ??هي، اسان صاف، سستي پن بجلي مان فائدو وٺڻ جا خواهشمند آهيون، ڪاسا 1000 منصوبي تي ڪم تيز ٿيڻ گهرجي، منصوبي جي جلد پڄاڻي چاهيون ٿا، 80 ملين ڊالر جو گڏيل و??پا?? ٻنهي ملڪن جي ح??يقي صلاحيت کان تمام گهٽ آهي، حڪومت ڪاروبار لاءِ مناسب سهولتون فراهم ڪري رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ رڪاوٽون ختم ڪيون وينديون ۽ ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪيون وينديون، وزيراعظم چيو ته ٻطرفي و??پا?? سان نه رڳو معيشت پر عوام کي به فائدو پهچندو، افغانستان جي صورتحال جو ذڪر ڪندي هن چيو ته 40 سالن جي جنگ کانپوءِ امن قائم ٿيو آهي. جامع حڪومت جي قيام سان پاڻ ۾ رابطا وڌندا، بزنس فورم ۾ سوالن ۽ جوابن جي ويهڪ به ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ و??پا?? واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود ڪاروباري شخصيتن جي سوالن جا جواب ڏنا ۽ پاڪستان ۽ خطي ۾ ڪاروباري موقعا اجاگر ڪيا ويا.