دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم سان اسان جُون ڪيتريون اميدون جڙيل آهن، اسان جو بنيادي معاشي نڪتو وچ ايشيائي رياستن سان ويجها رابطا قائم ڪرڻ آهي. شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي م??قعي تي م??ڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم هڪ ٻيو موقعو فراهم ڪيو آهي، اسان هن خطي ۾ علائقائي تعاون چاهيون ٿا، اسان ان موقعي تي افغانستان جي مسئلي تي ڳالهائڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته اميد آهي ته ??هو ڏينهن جلد ايندو جڏهن افغانستان به هن سربراهي اجلاس ۾ ڀرپور شرڪت ڪندو.