اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته نئين گهڻ ماڙ هائوسنگ يونٽس جي فوري تعمير جي لا??ِ ضروري قانونن کي جلد کان جلد لاڳو ۽ و??اق?? حڪومت جي ملازمن جي لا??ِ بهترين معيار جي رهائشي يونٽس جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لا??ِ سمورن امڪاني قدمن کي استعمال ۾ آندو وڃي. وزيراعظم عمران خان پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊيپارٽمينٽ (پي ڊبليو ڊي) بابت معاملن جو جائزو وٺڻ جي لا??ِ اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته حڪومت پبلڪ سيڪٽر ملازمن کي بهترين رهائشي سهولتون فراهم ڪرڻ جي پاليسي تي ڪاربند آهي. ان مقصد جي لا??ِ پي ڊبليو ڊي کي هڪ سمارٽ ۽ موثر تنظيم ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو و??اق?? حڪومت ??ي سمورين هائوسنگ يونٽس جي مناسب سارسنڀال کي يقيني بڻائين. هن اها به هدايت ڪئي ته نئين عمودي هائوسنگ يونٽس جي فوري تعمير جي لا??ِ ضروري قانونن کي جلد کان جلد لاڳو ڪيو وڃي. و??اق?? حڪومت جي ملازمن جي لا??ِ بهترين معيار جي رهائشي يونٽس جي فراههمي کي يقيني بڻائن لا??ِ سمورن امڪاني قدمن کي استعمال ۾ آندو وڃي، اجلاس ۾ هائوسنگ واري وزير چوڌري طارق بشير چيمه، منصوبابندي واري وزير اسد عمر، ناڻي واري صلاحڪ??ر شوڪت فياض ترين، هائوسنگ واري پارلياماني سيڪريٽري تاشقين صفدر، نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ لاڳاپيل سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.