اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، سارڪ جي باني ميمبر هجڻ جي ناطي، علائقائي تعاون ۽ رابطن جي فروغ لاءِ سارڪ جي متحرڪ ۽ فعال ڪردار جو خواهشمند آهي، سارڪ پليٽ فارم سان، وبائي صورتحال، موسمياتي تبديلين، غذائي تحفظ جهڙن گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع ۽ م??ثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي علائقائي تعاون جي تنظيم سارڪ جي سيڪريٽري جنرل ايسالا رووان ويراڪون سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير سارڪ جي سيڪريٽري جنرل سان سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن شهري سان پيش آيل افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظ??ار ڪيو ۽ چيو ته اسان ان افسوسناڪ واقعي جي رونما ٿيڻ کانپوءِ سريلنڪن حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت جو اظ??ار ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جي اعليٰ سياسي قيادت، مذهبي اسڪالرز ۽ پاڪستاني قوم ان واقع جي مذمت ڪئي، پرڏيهي وزير سارڪ جي سيڪريٽري جنرل کي يقين ??ياريو ته حڪومت پاڪستان ان بي رحماڻي واقعي جي ذميدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائيندي. هن چيو ته پاڪستان، سارڪ جي باني ميمبر هجڻ جي ناطي، علائقائي تعاون ۽ رابطن جي فروغ لاءِ سارڪ جي متحرڪ ۽ فعال ڪردار جو گهرجائو آهي، سارڪ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ واپاري رابطن جي فروغ جا وسيع موقعا موجود آهن جنهن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته پاڪستان، جاگرافيائي اقتصادي ترجيحن تي ڌي??ن ڏئي رهيو آهي، پاڪستان، سارڪ جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ زميني، هوائي ۽ آبي رابطن کي وڌائڻ جي حمايت ڪري ٿو، شاهه محمود قريشي چيو ته سارڪ پليٽ فارم تان، وبائي صورتحال، موسمياتي تبديلين، غذائي تحفظ جهڙن گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع ۽ م??ثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، پرڏيهي وزير سارڪ تنظيم جي مقصدن جي تڪميل لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو يقين ??ياريو.