اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زير فرخ حبيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت ۾ هيستائين ڪرپش?? جو ڪو ڪيس سامهون ناهي آيو، (ن) لي?? ۽ پيپلزپارٽي دورن ۾ هر ڏينهن ڪرپش?? جو نئون اسڪينڊل سامهون ايندو هو، (ن) لي?? ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل رپورٽ جي غلط تشريح ڪري رهي آهي، ان رپورٽ ۾ ڪنهن مالي بدعنواني جي نشاندهي ناهي ٿي. مملڪتي ??زير فرخ حبيب شاهد خاقان عباسي جي پريس ڪانفرنس تي ??نهنجي ردعمل ۾ چيو ته شاهد خاقان عباسي جيڪڏهن ايترو سچو آهي ته شهباز شر??ف جي 16 ارب جي ڪرپشن بابت به ڪجهه ٻڌائي. (ن) لي?? ته پنهنجي دور ۾ ??عل?? سروي ۽ رپورٽون تيار ڪرائيندڙ پارٽي طور مشهور هئي. بلاول زرداري جي خطاب تي ??نهنجي ردعمل ۾ مملڪتي ??زير فرخ حبيب چيو ته پيپلزپارٽي 13 سالن دوران لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي عوام کي ڇا ڏنو آهي. اڄ بلاول ڪچيءَ آبادي ۾ وڃي واڳون وارا ڳوڙها وهائي رهيو آهي، اڳ ۾ ڪٿي هو. سنڌ جي عوام کي رڳو ٽينڪر مافيا ۽ ذخيره اندوزن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي.