اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آ??ي ته ??ڪ طرف ڪرپشن بچائڻ وارو ٽولو ۽ ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان آهي، قوم فيصلو ڪيو آ??ي ته ??لڪي سالميت ۽ وزيراعظم عمران خان سان گڏ ڄمي بيٺل آهي، سپريم ڪورٽ ۾ جاري ڪيس پاڪستان جي جمهوري مستقبل جو فيصلو ڪندو. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪالهوڪي جلسي ۾ قوم وزيراعظم عمران خان تي اعتماد پلس ڪري ڇڏيو آ??ي. وزيراعظم ٻڌايو ته ??اهريون قوتون حڪومت ڪيرائڻ جي ڪوششن ۾ ملوث آهن، عوام فيصلو ڪري ڇڏيو آ??ي ته ??و ملڪي سالميت سان گڏ آهي. هن چيو ته ڪامياب جلسي جي انعقاد تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هڪ عرصي ک??نپوءِ قوم کي وزيراعظم عمران خان جهڙو اڳواڻ مليو آ??ي، پاڪستان ۾ هڪ اهڙو مفاد پرست ٽولو آ??ي جنهن جا مفاد ملڪ کان ٻاهر آهن، هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ جاري ڪيس پاڪستان جي جمهوري مستقبل جو فيصلو ڪندو، فرخ حبيب چيو ته ??ر اداري کي ملڪي سالميت عزيز آهي.