اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف سان جمعي علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل ال??حم??ن ملاقات ڪئي جنهن ۾ وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله ۽ خواجه سعد رفيق پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مولانا فضل ال??حمان ڪابينا جي پهرين اجلاس ۾ پيش ڪيل ملڪي معيشت جي ا??گن اکرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪابينا جي گڏجي ملڪ کي ا??هن مشڪل حالتن مان ڪڍڻ جي عزم کي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خوش آئنده قرار ڏنو.