اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جي معاشي دهشتگردي جو خميازو پاڪستان جي عوام ڀوڳي رهي آهي، عمران خان جي صورت ۾ جيڪا فاش غلطي ٿي هئي قوم ان کي ورجائڻ لاءِ تيار نه آهي، عمران خان آئين ۽ پارليامينٽ تي حملو ڪيو، عوام کي بيروزگار ڪيو، ملڪ کي غريب ۽ مفلس ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، کيس پنهنجي غلطين ۽ ڏوهن تي حساب ڏيڻو پوندو، چونڊون عوام جو جمهوري حق آهي، چونڊون مقرر مدي تي ٿينديون. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته عمران خان جون تقريرون گذريل چئن سالن کان تبديل ناهن ٿيون، هو ڪڏهن ڪرپشن جي ڳالهه ڪري ٿو، ڪڏهن م??يني جي رياست جي نالي تي سياست ڪرڻ جو بيانيو اختيار ڪري ٿو ۽ ڪڏهن امر بالمعروف جي رٽ لڳائي ٿو. هن چ??و ته عمران خان کي بي اعتمادي جي رٿ جي ذريعي پارليامينٽ مان ٻاهر ڪڍ??و ته هن ٻاهرئين ملڪ جي سازش جو راڳ آلاپڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي اصل حقيقت پاڪستان جي عوام ڄاڻي ٿي. هن چ??و ته عمران خان جي ڍٽائي، ڪوڙ، منافقت ختم نه ٿي رهي آهي، هن ڪرپشن جا الزام هنيا پر هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت نه ڪري سگهيو. عمران خان هڪ طرف مديني جي رياست جا نعرا لڳائيندو رهيو ۽ ٻئي طرف ٻه ڪروڙ ماڻهن کي غربت جي لڪير کان هيٺ ڪيو، 60 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪيو، مهانگائي جي شرح کي 16 سيڪڙو تائين پهچايو، اٽي جي قيمت 35 رپين م??ن وڌائي 90 رپيا ڪري ڇڏي، کنڊ جي قيمت 52 رپين م??ن 120 رپيا في ڪلو تائين پهچائي. هن چ??و ته عمران خان ڪابينا جي اندر ويهي ڪارٽلز ۽ مافيا کي فائدو پهچايو، عمران خان کنڊ برآمد ڪرڻ جي سمري تي صحيحون ڪيون، ملڪ ۾ کنڊ جي کوٽ ٿي پوءِ هن درآمد ڪئي، اهڙي طرح 52 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيندڙ کنڊ 120 رپيا ڪلو ۾ ماڻهن لائينن ۾ بيهي آڱوٺو لڳائي ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جي ڪاپي ڏيکاري خريد ڪئي. هن چ??و ته مديني جي رياست جي دعويٰ ڪندڙن ڪشمير فروشي ڪئي، اڄ جيڪي ماڻهو خودداري جا نعرا لڳائي رهيا آهن هي اهي ئي ماڻهو آهن جن ڪشمير جو سودو ڪيو. هن چ??و ته عمران خان اهو ئي شخص آهي جيڪو مودي جو ڪمپين م??نيجر هو. هن چ??و ته هي اهو ئي شخص آهي جنهن فارن فنڊنگ جي ذريعي 73 لک ڊالرز جي مني لانڊرنگ ڪئي. عمران خان جي آفيس اڍائي ڪروڙ رپيا ڪيش وصول ڪيا جنهن کي ڊڪليئر نه ڪيو ويو. اهي سموريون شيون م??يني جي رياست جو نالو وٺي انجام ڏنيون ويون، قرضن ??ي بار هيٺ پاڪستان جي عوام کي ٻوڙيو ويو، 43 هزار ارب رپين جو قرض ورتو، ملڪ جي تاريخ ۾ ايترو قرض ڪنهن حڪومت نه ورتو جيترو ملڪ ۾ گذريل چئن سالن دوران عمران خان ورتو. هن چ??و ته عمران خان آءِ ايم ايف سان شرطون به مڪمل نه ڪيون، اڄ معاشي دهشتگردي جو خميازو پاڪستان جي عوام ڀوڳي رهي آهي. هن چ??و ته عمران خان چوي ٿو ته غلطي ٿي، ان کي ٺيڪ ڪريو. مريم اورنگزيب چ??و ته عمران خان آئين تي حملو ڪيو، پارليامينٽ تي حملو ڪيو، بي اعتمادي جي آئيني رٿ تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، عوام کي بيروزگار ڪرڻ، ملڪ کي غريب ۽ مفلس ڪرڻ، پاڪستان جي عوام جي وات مان م??ني کسيڻ، ڪشمير فروشي جهڙيون سنگين غلطيون ڪيون، پاڪستان جي عوام ان کي بي اعتمادي رٿ ذريعي ايوان م??ن ٻاهر اڇلايو. پاڪستان جي عوام انهن کي ڪڏهن م??اف نه ڪندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته عمران خان توشه خاني تي ڌاڙو هنيو، 41 سالن ۾ سندس آمدني ۾ ايترو اضافو نه ٿيو جيترو 2018ع کان 2019ع جي سال ۾ ٿيو. ان وقت هن 20 سيڪڙو رقم تي سموريون مهانگيون شيون پاڻ وٽ رکيون، اڳ ۾ هن گهٽ رقم تي شيون پاڻ وٽ رکيون ۽ بعد ۾ سمري کي 50 سيڪڙو ڪري ڇڏيو. هن چ??و ته عمران خان اهي تحفا توشه خاني مان حاصل ڪري دڪانن تي وڃي وڪرو ??يا، اهڙي طرح هڪ سال دوران سندس آمدني ۾ ايترو اضافو ٿيو جيڪو هو 41 سالن ۾ به نه ڪمائي سگهيو. هن چ??و ته عمران خان وٽ وزيراعظم جي ڪرسيءَ هئي يا ڪاروبار جي ڪرسي يا ڪو دڪان لڳل هو. عمران خان 14 ڪروڙ جون شيون 3 ڪروڙ ۾ خريد ڪيون، 58 تحفا هن پاڻ وٽ رکيا، گهڙيون دڪانن تي وڪرو ??ندو رهيو، 20 سيڪڙو ۾ گهڙي خريد ڪري 18 ڪروڙ رپين ۾ وڪرو ??ئي، عمران خان جيڪي تحفا پان وٽ رکيا، ان جي لاءِ پئسو ڪٿان آيو، کيس رسيدون ڏيڻيون پونديون. هن چ??و ته عمران خان سائيڪل تي آفيس وڃڻو هو، وزيراعظم هائوس ۾ يونيورسٽي ٺهڻي هئي، هن هڪ ارب رپيا هيلي ڪاپٽر جي استعمال تي خرچ ڪيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته چونڊون پاڪستان جي عوام جو جمهوري حق آهي جيڪي انشاءَ الله اسيمبلن جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ ٿينديون. اڳتي جيڪا به اليڪشن ٿيندي ان ۾ آر ٽي ايس ويهڻ جي غلطي نه ٿيندي، ڊسڪه وانگر ڌُنڌ نه ڇائنجندي، اليڪشن ڪميشن جو عملو چوري نه ٿيندو. هن چ??و ته عمران خان اڳ ۾ ٻاهرئين ملڪ سازش جو ذڪر ڪري ٿو ۽ پوءِ چوي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپا خراب ٿي ويا هئا، کيس اصل ۾ سندس اعمالن اقتدار مان ڪڍيو آهي. هن چ??و ته عمران خان هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو پر 60 لک نوجوانن کي بيروزگار ڪيو، مفت دوائون ڏيڻ جو واعدو ڪندڙن دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون، هن وقت ماڻهو گهرن جو ڪرايو ادا نه ٿا ڪري سگهن، ٻارن جي اسڪولن جون فيسون ادا نه ٿا ڪري سگهن، عمران خان فنانس جي سمريز کي بائي پاس ڪندي غيرقانوني آرڊرز ڏنا، انهن سمورين شين جا ثبوت اچي چڪا آهن، هاڻي توهان کي غلطي نه ڏوهن تي حساب ڏيڻو پوندو، عمران خان عوام جو ڏوهاري آهي، هن عوام کي بکيو ڪيو. هن چ??و ته پاڪستان جي عوام ٻيهر غلطي نه ڪندي، عمران خان جي قول ۽ فعل ۾ تضاد آهي. هن چ??و ته عمران خان جيڪا معاشي دهشتگردي ڪئي پاڪستان جي عوام کي ان م??ن ڪڍنداسين، عوام کي ريليف جي فراهمي لاءِ اسان م??ڪل فيصلا ڪنداسين. هن چ??و ته پاڪستان جي عوام کي روزگار ڏنو ويندو، ڪنهن ڪارٽلز ۽ مافيا کي ساڄي کاٻي پاسي نه ويهاريو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته جنهن شخص کي نماز جي لاءِ ڪرسيءَ نه ڏني وئي هئي، اهو ڪالهه عمران خان جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪم جاري ڪري رهيو هو. اڄ ملڪ ۾ اهو وزيراعظم آهي جيڪو سڀني جو وزيراعظم آهي، هو ان شخص جو به وزيراعظم آهي جيڪو کيس چار سال رڳو گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳل رهيو، ڪاغذ لهرائي لهرائي سندس جڳ هسائي ۽ تضحيڪ ڪندو رهيو. هن چ??و ته جيل ۾ شهزاد اڪبر ايسيٽ ريڪوري يونٽ کي ان لاءِ رکيو ويو هو ته پتو لڳايو وڃي ته شهباز شريف کاڌو ڪهڙو ٿو کائي، ڪهڙي ڪرسيءَ تي ويهي ٿو. هن چ??و ته عمران خان ڪوڙ، غلطي ۽ ڪشمير فروشي تي عوام کان م??افي وٺي. هن چ??و ته عمران خان ادارن بابت هڪ منظم تحريڪ شروع ڪري رکي آهي، ادارن جي خلاف روبوٽڪ ٽوئيٽس هلايا پيا وڃن. هن چ??و ته عمران خان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪئي، بجلي جا بل به ساڙيا، اڄ پاڪستان جي عوام بجلي ۽ گئس جا وڏا به عمران خان جي غلطي جي ڪري ادا ڪري رهي آهي. هن چ??و ته پاڪستان جي عوام مهانگو اٽو، کنڊ ۽ ڪڻڪ عمران خان جي نااهلي جي ڪري خريد ڪري رهي آهي. هن چ??و ته پاڪستان جي عوام هاڻي ٻيهر غلطي نه ڪندي، هو ان کي ووٽ ڏيندي جيڪو پاڪستان کي ترقي ڏيندو. هن چ??و ته هاڻي اليڪشن ۾ نه سازش ٿيندي نه مداخلت ٿيندي، هڪ شفاف اليڪشن ٿيندي جيترا ووٽ دٻي ۾ هوندا يا جنهن جي لاءِ هوندا ايترا ئي ووٽ دٻي مان نڪرندا ۽ انهي جي لاءِ نڪرندا. هن چ??و ته عمران خان ملڪ ۽ آئين تي حملو ڪري ۽ چوي ته غلطي کي صحيح ڪريو، جيڪڏهن غلطي ٿي آهي ته اها ان جي شڪل ۾ ٿي آهي. عوام ان جي اصليت ڄاڻي چڪي آهي، بيهر اهڙي شخص کي قوم تي نه مڙهيو ويندو. انشاءَ الله هاڻي حقيقي ووٽ جي ذريعي حڪومت ايندي.