اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) پا??ستان والاريل ڪشمير جي گادي واري شهر سرينگر جي جامع مسجد ۾ شب قدر ۽ جمعته الوداع جي اجتماعن تي پا??ند?? جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڀارتي قابض فوج رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هٿين خالي ڪشميرين تي ظلم ۾ تيزي آندي آهي، ڀارتي قابض فوج سرينگر جي جامع مسجد ۾ شب قدر ۽ جمعته الوداع جي اجتماعن تي پا??ند?? لڳائي جنهن جي پا??ستان سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، هن چيو ته امن ۽ رحمت جي مقدس مهيني ۾ ڪشميري مسمانن جي مذهبي آزادي تي پا??ند?? لڳائي وئي آهي جيڪا قابل مذمت آهي. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران اهو ظالماڻي قدمن جي هڪ نئين ڪڙي آهي جنهن سان مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا آهن، ان کان اڳ والاريل ڪشمير ۾ قرآن پا?? جي بي حرمتي، مسجدن ۽ درگاهن ??ي باهه ڏيڻ جا ناپاڪ واقعا به رونما ٿي چڪا آهن، هن چيو ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائماليون ڪري رهي آهي ۽ ان مذهبي آزادين تي پا??ند?? لڳائي رکي آهي، ترجمان چيو ته پا??ستان والاريل علائقي ۾ ڀارت جي هٿان ڪشميري مسلمانن جي مذهبي آزادي تي پا??ند??ون لڳائڻ جي سخت مذمت ڪري ٿو.