اسلام آباد – 28 – اپريل (??ي پي پي) پرڏيهي معاملن جي مملڪتي وزير حنا رباني کر سان پاڪستان ۾ ڪيوبا جي سفير زينر ڪارو پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري ٿيندڙ بيان موجب ان موقعي تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير پاڪستان ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي ساراهيندي انهن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ح??ال?? سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. حنا رباني کر 2005ع ج?? زلزلي دوران ڪيوبا پاران پاڪستان کي فراهم ڪيل مدد کي ساراهيو.