اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلا??ات ۽ نش??يات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ 19 سالن کانپوءِ اٺين متفقه ويج بورڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، صحافتي ادارن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت 17500، ايڊيٽر، اسپيشل گريڊ، ميٽرو پوليٽن، ريجنل ڪيٽيگريز جي پگهارن ۾ 300 سيڪڙو تائين اضافو مقرر ڪيو ??يو آهي، وزيراعظم عمران خان جي ويزن حق ح??دار تائين پهچائن جو واعدو پورو ڪيو ??يو آهي، اٺين متفقه ويج بورڊ ايوارڊ تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو. اهڙو اعلان اطلا??ات ۽ نش??يات بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ ويج بورڊ جي چيئرمين (ر) حسنات احمد خان، ويج بورڊ جي ميمبرن محمد نواز رضا، نا??ر چشتي، خانزاده شهزاده ذوالفقار، شعيب الدين، بخت رضا يوسفزئي، صحافتي تنظيمن جي عهديدارن سان گڏ ڪيو.