اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? ۽ ??رڪ صدر رجب طيب اردوان ان عزم کي ورجايو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ هڪ ٻئي جي بنيادي قومي مفادن جي معاملن تي گڏيل تعاون جاري رکندا، هنن پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ لاڳاپن جي تمام گهڻين صلاحيتن کي مڪمل طور تي سمجهڻ ۽ انهن کي هڪ مضبوط ۽ متحرڪ واپاري ۽ معاشي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي اهميت تي ??ڻ زور ڏنو، ٻنهي ملڪن جي صدرن ان ڳ??له?? تي ??ڻ اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ ترڪي کي اسلام فوبيا سميت امت کي درپيش چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ گهرجي. ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي.