اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت گهٽايو بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت مستحقين کي ادائ??گي هڪ جامع نظام تحت جاري آهي، احساس پروگرام ۾ جيڪڏهن ڪنهن ذميدار جي خلاف شڪايت مليون ته ان جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ڇو ته سماجي تحفظ جي ان پروگرام ۾ شفافيت اسان جي اولين ترجيح آهي، صوابي ضلعي ۾ ادائ??گي مر??ز جي دوري جي موقعي تي ميڊ??ا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي ته ڪمزور طبقي کي مٿي کنيو وڃي ۽ کين سهولتون فراهم ڪيون وڃن ان سلسلي ۾ احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جاري ڪيو ويو، ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت مستحقين کي ادائ??گي هڪ جامع نظام تحت جاري آهي، احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام کي شفاف انداز ۾ هلايو پيو وڃي، ج??ڪڏهن ڪنهن مستحق جو حق ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.