اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران مختلف موبائيل ڪمپنين پاران وڌيڪ اسپيڪٽرم حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي آهي ته اسپيڪٽرم جي وڪري جو عمل انتهائي شفاف طريقيڪار ۽ ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي، موبائيل نيٽ ورڪس ۽ انٽرنيٽ س??وسز جي بهتري ملڪ جي مفاد ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ س??وسز جي وڌ??ڪ بهتري جي حوالي سان اسپيڪٽرم نيلامي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سيد امين الحق، صنعت واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر، ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين، پي ٽي اي جي چيئرمين، فريڪوينسي ايلوڪيشن بورڊ جي چيئرمين شڊرڪت ڪئي. وزيراعظم کي مختلف موبائل ڪمپنين پاران نيٽ ورڪ کي وڌ??ڪ بهتر بڻائڻ جي حوالي سان هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته موبائل نيٽ ورڪس ۽ انٽرنيٽ س??وسز جي بهتري ملڪ جي مفاد ۾ آهي. هن چيو ته ملڪ جي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ جي سروسز جي بهتري تي خاص ڌيان ڏنو ??ڃي. وزيراعظم مختلف ڪمپنين پاران وڌيڪ اسپيڪٽرم حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته اسپيڪٽرم جي وڪري جو عمل انتهائي شفاف طريقيڪار ۽ ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو ??ڃي.