اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته فوج حڪومتي پاليسين سان گڏ بيٺل آهي ۽ ماضي جي حڪو??تن جي مقابلي ۾ فوج سان موجوده حڪومت جا شاندار لاڳاپا آهن، ڪنهن هڪ ملڪ طرفان اسرائيل کي تسليم ڪرڻ سان فلسطي?? جو مسئلو ختم نه ٿيندو، ان مسئلي جو حل پاڻ اسرائيل جي مفاد ۾ آهي، پاڪستان ۾ ميڊيا مڪمل آزاد آهي ۽ اي??تائي?? جو حڪومت ۽ وزيرن کي به ان کان تحفظ حاصل نه آهي، جيتري اسان جي حڪومت جي خلاف ميڊيا ۾ تنقيد ٿي ماضي ۾ ائين ناهي ٿيو، ڪجهه موقعن تي اسان جي خلاف ميڊيا جي ذريعي پروپيگنڊا ڪيو ويو، اسان جي ٻن سالن جي حڪومتي دور ۾ سڀ کان وڏي تبديلي اها آئي آهي ته پاڪستان ۾ ايليٽ ڪلاس کي احتساب جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو، اسان جي حڪومتي دور ۾ ڪرپش?? جو ڪو به ميگا ڪيس سامهون ناهي آيو، هيٺين سطح تي ڪرپش?? جو اعتراف آهي تنهن هوندي به ان جي خاتمي جي لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. غير ملڪي ٽيلي ويزن چئنل الجزيره کي ڏنل انٽرويو ۾ وزير??عظ?? عمران خان چيو ته پاڪستان جا چين ۽ آمريڪا سان بهترين لاڳاپا آهن، پاڪستان کي ڪنهن ڪيمپ جو حصو هجڻ جي ضرورت نه آهي، اسان هر ملڪ سان بهترين لاڳاپا ڇو نٿا رکي سگهون، وزير??عظ?? چيو ته اسا?? جو مستقبل چين سان جڙيل آهي جيڪو دنيا ۾ ڪنهن به ٻي ملڪ جي مقابلي ۾ وڌيڪ تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي، هن 62 ارب ڊالر جي لاڳت جي اقتصادي لنگهه منصوبي جي شرطن ۾ ترميم لاءِ چين سان ڳالهين جي ترديد ڪندي چيو ته چين سان اسان جا لاڳاپا هن وقت پهرين کان بهتر آهن، وزير??عظ?? عمران خان چيو ته پاڪستان چين جي ترقي ۽ ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ جي تجربن مان فائدو کڻدو، آمريڪا سان لاڳاپن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪجهه سال اڳ جي ڀيٽ هن وقت آمريڪا سان اسان جا لاڳاپا بهترين آهن، افغانستان ۾ اسان امن جا سهولتڪار آهيون، حڪومت افغانستان ۽ طالبان جي وچ ۾ مستقبل ۾ اقتدار ۾ حصيداري جي معاهدي جي حمايت جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ وزير??عظ?? چيو ته افغان جيڪو پنهنجي لاءِ بهترين سمجهن ٿا اهو اسان جي لاءِ به سٺو هوندو، افغان امن ۾ افغانستان کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ فائدو پاڪستا?? جو آهي، هن چيو ته افغانستان ۾ 19 سالا جنگ ۽ قتل ۽ غارت کانپوءِ جيڪڏهن ڪير اهو سمجهي ٿو ته اهو سڀ اچانڪ گڏجي رهڻ شروع ڪري ڇڏين ته منهنجي خيال ۾ اها صورتحال انتهائي ڏکي آهي، وزير??عظ?? عمران خان چيو ته پاڪستان طالبان ۽ افغان حڪومت کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي، دراصل هڪ معجزو آهي، عمران خان چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جي بحالي لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪندو.