اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريش?? سينٽر (اي?? سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، اي?? سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 545 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مريض سڄ?? ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 31 هزار 808 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 13 هزار 314، پنجاب ۾ 11 هزار 409، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 435، اسلام آباد 3 هزار 52، بلوچستان 656، گلگت بلتسان ۾ 753 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 455 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄ?? ملڪ ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 91 هزار 169 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي، جڏهن ??ه سڄ?? ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي 102 ڪورونا جا مريض آهن، سڄ?? ملڪ ۾ ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 6 هزار 66 آهي.