ملڪ ۾ روايتي راندين کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر

image
APP65-180221 ISLAMABAD: February 18 - President Dr Arif Alvi talking to the National Kabaddi Team at Aiwam-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ روايتي راندين کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪوڏي ڪوڏي کي قومي ۽ عالمي سطح تي مشهور بڻائڻ لاءِ جديد ماڊل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوڏي ڪوڏي ورلڊ ڪپ 2020ع جي فاتح قومي ٽيم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. صدر قومي ٽيم کي ڪٻڊي ورلڊ ڪپ 2020ع کٽڻ تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته قوم کي ڪٻڊي ورلڊ ڪپ جو فائنل کٽڻ تي ٽيم جي ڪارڪردگي تي فخر آهي. صدر عارف علوي چيو ته ملڪ ۾ روايتي راندين کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، عالمي مقابلن ۾ ڪاميابي لاءِ رانديگرن کي بهتر ڪوچنگ ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ڪٻڊي کي قومي ۽ عالمي سطح تي مشهور بڻائڻ لاءِ جديد ماڊل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي.

مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز
متعلقہ مضامین
مزید خبریں