وفاقي ڪابينا براڊ شيٽ معاملي تي ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ 2017ع تحت ڪميشن جوڙڻ تي اتفاق ڪيو آهي: شبلي فراز

image
APP50-260121 ISLAMABAD: January 26 - Senator Shibli Faraz, Federal Minister for Information and Broadcasting briefs the media persons about the decisions taken in the Federal Cabinet Meeting. APP photo by Irshad Sheikh

اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا براڊ شيٽ معاملي تي جاچ جي حوالي سان ڪميٽي بدران ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ 2017ع تحت ڪميشن جوڙڻ تي اتفاق ڪيو آهي، انڪوائري ڪميشن براڊ شيٽ معاملو سامهون اچڻ تائين جي مدي جي جاچ ڪندي، ڪميشن ڪنهن به شخص يا اداري کي طلب ۽ دستاويز حاصل ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي، ڪابينا ڪورونا ويڪسين جي درآمد جي حوالي سان نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت پاران سفارشن جي منظوري ڏني، ڪابينا 5 فيبروري تي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ڀپرور طريقي سان ملهائڻ جي عزم کي ورجايو، سينيٽ جون چونڊون شفاف انداز سان ڪرائڻ جي لاءِ اوپن بيلٽ اليڪشن جي لاءِ ضرورت پئي ته آئيني ترميم به ڪئي ويندي، پي ٽي آءِ کي فارن فنڊنگ ۾ ڦاسائيندڙ مخالف ڌر پاڻ ڦاسي چڪي آهي، وراثتي ليڊرز هر غلط ڪم جا سرپرست آهن، لاهور قبضا معاملو واضح ثبوت آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اڄ ڪيترائي اهم موضوع بحث هيٺ آندا ويا. اداراجاتي سڌارن ۽ ڪفايت شعاري واري صلاحڪار پاران وفاقي ڪابينا کي حڪومت جي ڪفايت شعاري ۽ نئين سر جوڙجڪ بابت ٽاسڪ فورس پاران وزارتن ۽ ڊويزنن ۾ 70 هزار خالي جايون ختم ڪرڻ، وفاقي حڪومت جي ادارن جو انگ 441 مان گهٽ ڪري 324 تائين رکڻ جي حوالي سان اداراجاتي سڌارن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.

مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج
متعلقہ مضامین
مزید خبریں