وزيراعظم جي صدارت ۾ هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جو اجلاس

image
APP85-280121 ISLAMABAD: January 28 – Prime Minister Imran Khan chairs meeting of National Coordination Committee on Housing, Construction and Development. APP

اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هائوسنگ جي منصوبن ۾ قاعدن ۽ ضابطن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ، غيرقانوني هائوسنگ اسڪيمن جا تفصيل لاڳاپيل ويب سائيٽ تي جاري ڪرڻ ۽ عوام کي انهن غيرقانوني هائوسنگ اسڪيمن ۾ خريد ۽ وڪري جي حوالي سان خبردار ڪرڻ جي لاءِ آگاهي مهم ۾ تيزي آڻڻ سان گڏوگڏ لاڳاپيل قانونن ۾ ترميمن جي حوالي سان سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس کي نيپرا پاران ڪنزيومر سروس مينوئل جي سمورين ڌرين جي مشاورت کانپوءِ منظوري جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته تعميرات ۾ سهولتن جي فراهمي جي ڏس ۾ ڪنزيومر مينوئل ۾ گرڊ ايريا، لوڊ اسيسمنٽ ۽ لوڊ ڪيٽيگري ۾ بهتر ريگيوليٽري فريم ورڪ تحت ترميمون ڪيون ويون آهن.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج
متعلقہ مضامین
مزید خبریں