وزيراعظم سان ملاقات ۾ بلوچستان مان نئين چونڊيل سينيٽر محمد عبدالقادر جو پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو اعلان

image
APP55-090321 ISLAMABAD: March 09 - Newly elected Senator from Balochistan Muhammad Abdul Qadir joins Pakistan Tehreek-e-Insaf during call on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ۾ بلوچستان مان نئين چونڊيل سينيٽر محمد عبدالقادر ، پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان بلوچستان مان بلوچستان عوامي پارٽي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي گڏيل حمايت يافته ۽ آزاد حيثيت ۾ نئين چونڊيل سينيٽر محمد عبدالقادر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ ۽ سيف الله نيازي به موجود هئا. ان موقعي تي محمد عبدالقادر پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.

مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا
متعلقہ مضامین
مزید خبریں