ميانوالي – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هو چاهي ٿو ته پاڪستان هڪ آزاد قوم هجي، اسان هڪ اهڙو ملڪ چاهيون ٿا جتي ظلم ڪندڙ کي سزا ۽ محنت ڪندڙ کي ان جو ڦل ۽ صلو ملي، علم تي ٻڌل معيشت سان قومون ترقي ڪن ٿيون، ان ۾ ماڻهن تي سيڙپڪاري ڪرڻي هوندي آهي، هڪ ٻن شهرن کي ترقي ڏيڻ سان ملڪ ترقي نه ٿو ڪري، انشاءَ الله پاڪستان دنيا ۾ طاقتور قوم طور اڀرندو. ميانوالي ۾ ??يس??ٰ خيل ڪيڊٽ ڪاليج ۾ هاسٽل جي افتتاح ۽ ٻين ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ مون کي تمام گهڻي خوشي ??ي آهي ته آئون ??يس??ٰ خيل جي علائقي ۾ پنهنجي ماڻهن جي وچ ۾ موجود آهيان، وزيراعظم چيو ته 24 سال اڳ هن هي سڄو علائقو ڏٺو هو ۽ مون کي خبر آهي ته هن علائقي ۾ ٻارڙين جي اسڪولن ۾ استاد نه آهن، اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ۽ نرسز نه آهن، پيئڻ جي لاءِ صاف پاڻي هتان جي ماڻهن جو وڏو مسئلو هو، اڄ سوا ٽي ارب رپين جي ماليت سان جيڪي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن ان سان ٻن يونين ??ائونس?? کي ڇڏي باقي سمورين يونين ??ائونسلز ۾ پاڻي جو مسئلو حل ٿي ويندو.