اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان رياست ۽ ملڪي دفاع جي خلاف دشمن جي ايجنڊا تي تيار ڪيل بيانيو ڪنهن صورت ۾ قبول نه آهي، نواز شريف ۽ سندس خاندان جمهوريت نه پر بادشاهت تي يقين رکي ٿو، قانون کي گهربل اشتهاري لنڊن جي مهانگي فليٽ ۾ ويهي انقلابي بڻجڻ بدران عوام ۾ اچي، مخالف ڌر جي پريس ڪانفرنسز ۾ چيو وڃي ٿو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف جي خلاف ڪرپشن، مني لانڊرنگ جا ڪيس واپس ورتا وڃن، جنهن جنهن ڪرپشن، مني لانڊرنگ ڪئي يا قومي ناڻي کي بيدردي سان ڦريو ان کي حساب ڏيڻو پوندو، ??نع??ن کي ملندڙ وڌيڪ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، ننڍي ۽ وچين درجي جي ??نع??ن سميت ٻين کي اضافي بجلي تي 25 سيڪڙو رعايت ملندي، ??نع??ن جي لاءِ پيڪ آورز ۽ آف پيڪ آورز کي گڏ ڪيو ويو آهي، ??نع??ن کي سستي بجلي جي فراهمي سان ملڪي مصنوعات جي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.