اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گوادر پورٽ ف??ي ??ون ايريا کي افغانستان ۽ بلوچستان جي وچ ۾ واپار جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي، گوادر بندرگاهه جهڙن قومي منصوبن جي ڪامياب پڄاڻي جي لاءِ حڪمت عملي ۽ ويزن ضرو??ي ??هي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گوادر جي دو??ي ??وران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي صدر کي گوادر ماسٽر پلان ۽ گوادر پورٽ جي ترقياتي ڪمن بابت بري??نگ ڏني وئي. گوادر پورٽ اٿارٽي جي چيئرمين نصير خان ڪاشاني ۽ گوادر ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل شاهزيب خان ڪاڪڙ گوادر پورٽ ۽ گوادر سٽي بابت ترقياتي ڪمن تي بري??نگ ڏني. صدر چيو ته ڪراچي پورٽ سان گڏوگڏ افغانستان ۽ بلوچستان جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ جي لاءِ گوادر پورٽ ف??ي ??ون کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، گوادر پورٽ تي ٽريفڪ جي تيزي سان رواني کي يقيني بڻايو وڃي.