اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پاڪستان ۾ ڪيوبا جي سف??ر گيبريل ٽيل ڪيپوٽي جمعي ڏينهن هتي الوداعي ملاقات ڪئي. ايوان ??در جي ميڊيا ونگ موجب صدر عارف علوي ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ڪيوبا سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل مفادن لاءِ واپار، معيشت، صحت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان 2005ع جي ز??زل?? کانپوءِ طبي ٽيمون ۽ پاڪستاني ميڊيڪل ??اگردن کي وظيفا فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪيوبا جي تعاون کي ساراهي ٿو.