اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. س??ي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 59 فوتگيون ٿيون جنهن مان 42 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران س??ي ملڪ ۾ ڪورونا جي هڪ هزار 37 ماڻهن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 59 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 55 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 4 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چ??ن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملت??ن ۾ 30 سيڪڙو، پشاور 27 سيڪڙو، لاهور ۾ 35 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 28 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چ??ن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 42 سيڪڙو، ملت??ن ۾ 32 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 24 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 24 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 32 هزار 149 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 9 هزار 136، پنجاب ۾ 11 هزار 809، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 859، اسلام آباد ۾ 4 هزار 283، بلوچست??ن ۾ 546، گلگت بلتست??ن ۾ 331، آزاد ڪشمير ۾ 185 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين س??ي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 11 هزار 502 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچست??ن ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته س??ي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 265 مريض آهن. س??ي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 31 هزار 983 آهي.