ڪلرسيدان – 10 فيبروري (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته مستحق ۽ ڪمزور طبقن کي مالي مدد جي فراهمي حڪومت جي ذميداري ??هي، اهو ڪو احسان نه آهي، مستحق ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ ننڍي ڪاروبار لاءِ مدد ڪنداسين، مستحق ماڻهن تائين انهن جو حق پهچائڻ جي لاءِ شفاف طريقيڪار اختيار ڪيو ويو، ??ير مستحق ماڻهن کي احساس پروگرام جي فهرست مان ڪڍيو ويو آهي، مفت علاج جي لاءِ ڪمزور طبقن کي هيلٿ ڪا??ڊ جي سهولت به فراهم ڪري ??هيا آهيون، نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تي ڪم جاري ??هي، اين جي او سان گڏجي مستحق ماڻهن کي ڇت فراهم ڪئي ويندي، احساس ڪفالت پروگرام جي ٻي مرحلي ۾ 70 لک مستحق خاندانن ۾ منصفاڻي طريقي سان رقم ورهائي ويندي. هن اهڙن خيان جو اظهار ڪلرسيدان ۾ احساس ڪفالت پروگرام جي ٻي مرحلي جي آغاز جي موقعي تي مستحق ماڻهن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي و??ير??عظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي واري ??صوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ثانيه نشتر به موجود هئي. و??ير??عظم عمران خان چيو ته احساس پروگرام تحت مالي مدد جي معاشري ??ي انهن ڪمزور ۽ مستحق ماڻهن کي فراهمي حڪومت جو احساس نه پر فرض آهي، ج??ڪي مشڪلاتن جو شڪار آهن. حڪومت مستحق خاندانن کي هيلٿ ڪارڊ به فراهم ڪندي جنهن تحت اهي ڪنهن به اسپتال مان ساڍا ست لک روپين تائين جو علاج ڪرائي سگهندا. و??ير??عظم چيو ته احساس ڪفالت پروگرام تحت مستحق ماڻهن کي مالي مدد جي فراهمي جاري ??هندي، ان کانسواءِ اخوت اين جي او سان گڏجي معاشري ??ي ڪمزور ترين طبقن جي لاءِ گهر ٺاهيا پيا وڃن، نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تي به ڪم جاري ??هي ۽ اهو انهن مزدورن جي لاءِ آهي ج??ڪي گهر خريد ڪرڻ جي سگهه نٿا رکن.