اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته جيستائين ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غير قانوني قدمن کي تبديل نٿو ڪري، ان وقت تائين ڀارت سان لاڳاپن کي معمول تي نٿو آڻي سگهجي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي فيصلن جي حوالي سان ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي هن چيو ته حڪومت ڀارت سان لاڳاپن ۾ بهتري آڻڻ جي خواهشمند آهي پر ائين ڪشمير جي قيمت تي ڪڏهن به نٿو ٿي سگهي، هن چيو ته ڪابينا خيبرپختونخوا جي طرز تي اسلام آباد ۽ گلگت بلتستان ۾ صحت سهولت ڪارڊ فراهم ڪر?? جو فيصلو ڪيو آهي، وفاقي وزير چيو ته ڪابي??ا ڪورونا ويڪسين جي قيمت 4225 روپيا مقرر ڪر?? جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته اسپوٽنگ ويڪسين جي قيمت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ طئي ڪئ?? ويندي، هن چيو ته ڪابي??ا ڪنهن به ??وا جي قيمت ۾ اضافو ڪرڻ کانسواءِ 43 دوائن جي قيمتن تي نظرثاني ڪئ?? آهي، فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم عمران خان سمورين وزارتن ۽ کاتن کي هدايت ڪئ?? آهي ته هو سرڪاري ملازمن جي ڪارڪردگي جو جا??زو وٺن، هن چيو ته براڊشيٽ انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جي روشني ۾، ڪابينا ان معاملي ۾ ملوث آفيسرن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪر?? جو فيصلو ڪيو آهي، فواد چوڌري چيو ته کنڊ بحران پيدا ڪرڻ ۾ ملوث مافيا جي خلاف به ڪارروائي ڪئ?? ويندي، هن چيو ته وزيراعظم اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي واکاڻ ڪئ?? ۽ جيڪا چونڊ طريقيڪار ۾ شفافيت آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.