اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ ثمينه عارف علوي چيو آهي ته معاشري جي معاشي طور تي ڪمزور طبقن کي سماجي تحفظ جي فراهمي ۽ ماڻهن ج?? زندگي جو معيار بلند ڪرڻ حڪومت جي ا??لين ترجيحن ۾ شامل آهي، اسان جا ٻار اسان ج?? مستقبل آهن ۽ پنهنجي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ ۽ کين جديد دور ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ کين تعليم ۽ هنر جي فراهمي ضروري آهي، پاڪستان بيت المال ٻارن کان مشقت جي خاتمي لاءِ موثر قدم کڻي رهيو آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان بيت المال جي هيڊڪوارٽرز ۾ جبري پورهيئي کان متاثر ٻارن ج?? بحالي لاءِ پاڪستان بيت المال پاران قائم ڪيل اسڪولن ج?? ٻارن ۾ اسڪول بيگز ۽ ٻيا تحفا ورهائڻ جي تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪئي. اهي تحفا پاڪستان ۾ مقرر غير ملڪي سفارتخانن ج?? هيڊ آف مشنز جي گهروارين ج?? گروپ ڏنا آهن. صدر جي گهرواريءَ تقريب جي ا??عقاد ۽ تحفن تي سفارتي ڪميونٽي جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته انساني ڀلائي ۽ ترقي جي ڪا به سرحد ناهي هوندي. هن چيو ته نوجوان نسل جو ڪنهن به معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار هوندو آهي، اسان جا ٻار اسان ج?? مستقبل آهن ۽ پنهنجي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ ۽ کين جديد دور ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ کين تعليم ۽ هنر جي فراهمي ضروري آهي، تعليم هر ٻار جو حق آهي ۽ ان ??ي حق آهي ته هو پنهنجو ننڍپڻ ڀرپور انداز ۾ گذاري.