دوشنبي – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته عالمي برادري افغانستان ۾ نئين حقيقت جو ادارڪ ڪري، افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ بدران ان سان رابطا وڌائڻ ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي، طالبان کي به پنهنجي واعدن جي پاسداري لاءِ هر ضروري قدم کڻڻا پوندا، جامع سياسي ڍانچي جي ??وڙجڪ جو واعدو پورو ڪيو وڃي، قومي مفاهمت سان ئي امن کي سگهه ملندي.
شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي وفدن جي ??ربراهن ۽ افغانستان ۾ پُهچ جي موضوع تي ليڪٽو سيڪيورٽي ٽريٽي آرگنائزيشن (سي ايس ٽ?? او) جي ??جلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم ۽ افغانستان جي ??والي سان سي ايس ٽ?? او جي ??ير معمولي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪرڻ سندس لاءِ اعزاز جو سبب آهي، اهو هڪ اهڙو معاملو آهي جيڪو بجاطور تي عالمي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي، مونکي يقين آهي ته اڄ هتي ٿيندڙ غور ۽ فڪر سان پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جي ڳولا ۾ گهمندڙ هڪ عام افغان شهري جيڪو پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جو خواهشمند آهي،جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
هن چيو ته ويجهي پاڙيسري جي ??يثيت سان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان منفي اثرن جي ڪري پاڪستان بري طرح متاثر ٿيو ۽ پاڪستان جو امن سان گهرو مفاد لاڳاپيل آهي. هن چيو ته اڄ افغانستان تاريخ جي چوواٽي تي بيٺل آهي، 40 سالن جي ??ڪرارن ۽ عدم استحڪام کانپوءِ هاڻي جنگ جي ??اتمي ۽ پائيدار امن جي قيام جو امڪان پيدا ٿيو آهي، اها صورتحال غير متوقع طور تي اڀري سامهون آئي آهي، غير ملڪي فوج کي هڪ ڏينهن واپس وڃڻو هو، اسان جي ??واهش هئي ته ائين وڌيڪ يقيني ۽ متوقع انداز ۾ ٿئي ها، تنهن هوندي به افغان سيڪيورٽي فورسز جو سلسلو وکرڻ ۽ افغان حڪومت جو خاتمو ايترو اوچتو ٿيو جنهن جي ??ميد نه هئي، پوءِ به ڪنهن رتوڇاڻ کانسواءِ اقتدار منتقل ٿيو جيڪو پاڪستان لاءِ گهڻو اطمينان جو سبب آهي.
وزيراعظم عمران خان چيو ته گهرو ويڙهه جو امڪان جنهن جي ??اري ۾ اسان کي شديد فڪر هو پر اهو ٽري ويو آهي ۽ افغان پناهگيرن جي ??ن وڏي پئماني تي انخلا جو خدشو هو خوش قسمتي سان اهو به نه ٿيو، هن چيو ته افغانستان ۾ انساني ۽ امڪاني اقتصادي بحران ٻئي فوري ۽ ڏکيا چئلينج آهن، افغانستان جي ??هڙي معيشت جنهن جو دارو مدار غير ملڪي امداد تي هو ۽ هو هڪ جنگي معيشت هئي، کان پائيدار معيشت طرف قدم وڌائڻ تمام وڏو چئلينج هوندو.
وزيراعظم چيو ته ان موقعي تي عالمي برادري جي ??امهون ٻه رستا آهن، هڪ اهو ته رابطن کي وڌايو وڃي يا وري سوويت انخلا کانپوءِ جهڙي طرح ٿيو ان طرح افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو وڃي، افغانستان ۾ عدم استحڪام، جهڙوڪ عظيم ش??عر علامه محمد اقبال بجا طور تي نشاندهي ئي ڪئي هئي، پوري خطي جو متاثر ڪندو آهي ۽ افغانستان ۾ استحڪام پوري خطي جي مفاد ۾ آهي، افغانستان کي اڪيلو ڪرڻ اسان کي هڪ اهڙي غير مستحڪم صورتحال طرف واپس ڌڪيندو جنهن جو نتيجو خانه جنگي، پاڙيسري ملڪن تي منفي اثر، پناهگيرن جي ??وفان، دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافي، منشيات جي ??سمگلنگ ۽ منظم عالمي ڏوهن جي ??ورت ۾ نڪري سگهي ٿو ان لاءِ افغانستان سان رابطا وڌائڻ ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي.
وزيراعظم عالمي برادري تي زور ڏنو هو حقيقت پسنداڻي جائزي ۽ عمليت پسند سوچ تي ٻڌل نئين تناظر سان افغانستان ۾ نئين حقيقت جو ادراڪ ڪري، اسان جي ??موري اجتماعي ڪوششن جو مقصد سلامتي جي ??ورتحال کي مستحڪم بڻائڻ، ڪنهن نئين تڪرار ۽ وڏي پئماني تي عوامي انخلا کي روڪڻ آهي، وزيراعظم چيو ته اهو سڀ اسان جي مفاد ۾ آهي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ته افغانستان ٻيهر ڪنهن دهشتگرد تنظيم جي محفوظ پناهگاهه نه بڻجي ??ن سلسلي ۾ طالبان کي پنهنجي واعدن جي پاسداري لاءِ هر ضروري قدم کڻڻا پوندا، افغانستان ?? جامع سياسي ڍانچي جي ??وڙجڪ جو واعدو به پورو ڪرڻ گهرجي، قومي مفاهمت سان ئي امن کي سگهه ملندي، اهڙي طرح طالبان کي بدنام ڪرڻ ۽ داخلي ڇڪتاڻ کي هوا ڏيڻ جي ڪوششن کي به رد ڪرڻ گهرجي، ڪجهه طرفان اهڙي طرح جي ??ير دانشمنداڻي سوچ سان چئلينجز حل ٿيڻ جي ??دران وڌيڪ ڳنڀير ٿيندا.
وزيراعظم عمران خان چيو ته عالمي برادري کي ان نازڪ موڙ تي افغان عوام سان يڪجهتي ۽ تعاون جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پائيدار عالمي مدد ۽ اقتصادي تعاون سان زندگيون بچائي سگهجن ٿيون ۽ استحڪام پيدا ٿيندو، افغانستان جي منجمند اثاثن کي افغان عوام جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ??جازت ڏيڻ به صحيح رخ ۾ قدم هوندو، سياست بازي کانسواءِ افغانستان ۾ انساني صورتحال تي اثر انداز ٿيندڙ انهن معاملن سان دانشمندي سان منهن ڏيڻو پوندو، فوري پاڙيسري جي ??يثيت سان پاڪستان امن، ترقي ۽ خوشحالي جي ??فر ۾ افغانستان جي مدد ڪرڻ جي پاليسي تي مسلسل ڪاربند رهيو آهي، اسان افغان امن عمل جي ??ابت قدمي سان حمايت ڪئي ۽ سدائين اهو موقف اختيار ڪيو ته مسئلي جو ڪو به فوجي ??ل نه آهي، نئين صورتحال ۾ اسان تعميري انداز ۾ مصروف عمل رهياسين، اسان باضابطه چرپر ۾ سهولت لاءِ پنهنجون سرحدون کولي رکيون ۽ ٻه طرفي ۽ عبوري واپار ٿيڻ ڏنو، اسان افغان عوام جي ??نساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد لاءِ غذائي شين ۽ دوائن سان ڀريل جهاز موڪليا.
وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان اندروني طور تي ۽ پنهنجي پاڙي ۾ امن سان هڪ مستحڪم، خودمختيار ۽ خوشحال افغانستان جو پختو عزم رکي ٿو، هن چيو ته ايس سي ۽ سي ايس ٽ?? او قدرتي طور تي محفوظ سرحدن، دهشتگردي جي ??طري کان پاڪ خطي ۽ وسيع تر اقتصادي هم آهنگي ۽ رابطن جي ??والي سان جڙيل مفادن جو حامل آهي، اچو افغانستان جي ??من، استحڪام ۽ خوشحالي جي ??فر ۾ گڏجي ??ن جي مدد ڪريون ۽ دعا ڪريون ته 40 سالن کانپوءِ افغانستان جي ??وام کي آخر ڪار امن ۽ استحڪام نصيب ٿيو.