اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص م??دگ??ر ڊاڪٽر فردوس عاشق ??عواڻ چيو آهي ته هر مسلمان عورت جو رول ماڊل حضرت فاطمه الزهرا رضه جي سيرت طيبه ۽ امهات المومنين جهڙيون جليل القدر هستيون آهن، اسلامي تاريخ جا اهي روشن ڪردار اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ موجوده حڪومت عورتن جي هر قسم جي استحصال جي خلاف آهي ۽ ان جي آئيني، قانوني، سياسي، سماجي ۽ معاشي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آ??ي، خاتون جي عزت ۽ وق??ر ان جي سڀ ڪجهه آ??ي، ميڊيا يا ڪنهن به فورم تي عورتن جي توهين ۽ تذليل ناقابل قبول رويو آ??ي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪيو.